حيدرآباد (رپورٽ: امتياز کوسو) سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ سانگهڙ جي 2 يوسين کڏواڻي ۽ مٺڙائو جي هڪ درجن ڳوٺن مان 15 ڏينهن ۾ پاڻي نيڪال ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. بلوچ آباد، لاشاري ڳوٺ، جمالي ڳوٺ، ميهر رونجها ڳوٺ جي رهواسين جهانزيب علي، ڪاشف ۽ اعجاز سميت 68 ڳوٺاڻن وڪيل عشرت علي لوهر معرفت درخواست داخل ڪرائي هئي. درخواست ۾ سندن موقف آهي ته يوسي کڏواڻي ۽ يوسي مٺڙائو جي هڪ درجن کان وڌيڪ ڳوٺن مان اڃا تائين برسات ۽ ٻوڏ جو پاڻي نيڪال نه ڪرايو ويو آهي. ڳوٺن ۾ 3 کان 4 فٽ پاڻي بيهڻ سبب ڳوٺاڻا ٻٽي عذاب ۾ مبتلا بڻيل آهن جڏهن ته رستا توڙي گهر پاڻي ۾ ٻڏل هئڻ سبب معصوم ٻار، عورتون توڙي پيرسن بيمارين ۾ مبتلا بڻجي ويا آهن. عدالت ٻڌڻي دوران ايڪسين ڊرينيج ڊويزن سانگهڙ سانول خان کان سخت پڇاڻو ڪيو ته اوهان ڳوٺن مان پاڻي ڇو نه ٿا نيڪال ڪرايو؟ ايڪسين عدالت کي ڪو خاطرخواهه جواب نه ڏنو. عدالت ڌرين جا دليل ٻڌڻ بعد آبپاشي کاتي جي سيڪريٽري ۽ ڊپٽي ڪمشنر سانگهڙ کي به 5 آڪٽوبر تي تفصيلي رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو.