گھوڙاٻاري ( رپورٽ : مختيار جان چانڊيو ) تازين برساتن وسڻ کان پوءِ  اڃان تائين برساتي پاڻي ساحلي علائقي جي ڳوٺن ، حاجي قادر بخش جاڙو ، بچل لاشاري ، مھرو لاشاري ، عثمان جاڙو سميت سوين ڳوٺن ۽ شھرن جو پاڻي نيڪال نه ٿيڻ سبب جتي پاڻي جمع ٿيڻ ڪري بيٺل برساتي پاڻي بدبودار ۽ گندو بڻجي ويو آھي جنھن سبب مڇرن ۾ پڻ اضافو ٿي ويو آھي ساحلي پٽي جي علائقي ۾  مڇر مار اسپري نه ٿيڻ ڪري مليريا وڌي وڃڻ ڪري سرڪاري توڙي پرائيويٽ اسپتالون مريضن  سان ڀرجي ويون آھن جنھن مطلق پنھنجي اخبار جي رابطي ڪرڻ تي رورل ھيلٿ سينٽر ور شھر جي ايم ايس ڊاڪٽر ساجد شيخ ٻڌايو ته مليريا وڌي وڃڻ ڪري صحت مرڪز ور جي او پي ڊي ۾ اضافو ٿي ويو آھي ھن ٻڌايو ته ٻن ٽن کان ڏينھن کان صحت مرڪز ور جي او پي ڊي ھن وقت رڳو شام ۽ رات کان علاوه صبح جي ٽائيم 450 کان 500 مريضن تائين پھچي وئي آھي جنھن مان %70 سيڪڙو مليريا جا ڪيس پازيٽوو اچڻ ڪري ھن ڳڻتي جو اظھار ڪندي چيو آھي ته مليريا جا ڪيس وڌڻ ڪري مليريا جي ٽيسٽ ڪٽن جي کوٽ ٿي وئي آھي ۽ ان سان گڏ مليريا جي  گورين ۽ دوائن ۾ گھٽتائي اچڻ ڪري ھنن کي پريشاني کي منھن ڏيڻو پئجي رھيو آھي ھن ٻڌايو ته مڇرن جي آزار ۽ علائقي ۾ مڇر مار اسپري نه ٿيڻ ڪري مليريا ڦھلجندي پئي وڃي جنھن سبب حالتون خراب ٿي سگهن ٿيون ھن جو وڌيڪ چوڻ ھو ھن جي ڪوششن سان ور شھر ۽ پيرپٺو ۾ مڇر مار اسپري ڪرايو ويو آھي پر ٻي علائقي ۾ مڇر مار اسپري نه ٿيڻ ڪري اتي به مڇر مار اسپري جو ڪو اثر نه ٿي سگھيو آھي ھن وڌيڪ ٻڌايو ته علائقي ۾ مڇر مار اسپري نه ڪرايو ويو ته حالتون خراب ٿي سگھن ٿيو، ھن جو وڌيڪ چوڻ ھو جيترو جلد ٿي سگھي ته علائقي ۾ مڇر مار اسپري ڪرايو وڃي ته جيئن مليريا جا وڌڻ بجاء گھٽ ٿين، جڏھن ته حاليه برساتن  جو بيٺل گندو ۽ بدبودار پاڻي اڃان تائين نيڪال نه ٿي سگھيو آھي ته مٿان وري موسمات کاتي 4 ۽ 5 آگسٽ کان گجگور ، کنوڻين ۽ تيزبرساتن جو الرٽ جاري ڪيو ويو آھي ھوڏانھن اسڪول کلڻ باوجود برساتن جو بيٺل گندو ۽ بدبودار پاڻي نيڪال نه ٿيو آهي، جنهن ڪري معصوم ٻارڙن کي  اسڪول وڃڻ ۾ مشڪلاتن کي منھن ڏيڻو پئجي رھيو آھي.