ڳاڙهو (ن پ ا)  ڳاڙهو ۽ ڀرپاسي برساتن کانپوءِ ساحلي پٽي ۾ مليريا خطرناڪ حد تائين پهچي ويئي. ڳاڙهو  ٻگهاڻ ڪيٽي بندر گهوڙاٻاري ور ساڪرو ٻهارا ۽ ٻين  علائقن ۾ موذي ۽ وبائي مرض مليريا گيسٽرو ۽ ڊائريا پکڙجي رهي آھي. مقامي ڊاڪٽرن موجب هتي مليريا جهڙي موزي بيماري خطرناڪ حد يعني 70 سيڪڙو کي پهچي ويئي آھي جيڪا هڪ ڳڻتي جوڳي حالت آھي جنهن کي فوري ضابطي ۾ آڻڻ جي اشد ضرورت آھي ٻئي طرف وبائي مرضن کي قابو ۾ رکڻ لاء مقامي سرڪاري اسپتالن ۾ ھميشه جيان گهربل دوائن ۽ ڊاڪٽرن جي کوٽ اڄ به برقرار آھي. هزارن جي تعداد ۾ ماڻهو ذاڪر ڪيل موزي مرضن ۾ مبتلا ٿي مقامي عطائي ۽ خانگي ڊاڪٽرن هٿان ڦرجي تباهه ٿي رهيا آھن.