سامارو (ن پ ا) سامارو شھر جي اومني سينٽر تي امدادي رقم وٺڻ آيل ٻوڏ متاثرن ۽ پوليس اھلڪارن ۾ چڪريون، لٺبازي، ھڪ ڄڻو زخمي، 2 ڄڻا گرفتار، مظاهرو، ڌرڻو، ان ڏس ۾ شھر جي اسپورٽس ڪامپليڪس ۾ قائم اومني سينٽر تي امدادي رقم جي وصولي لاءِ آيل ٻوڏ متاثرن ۽ سامارو پوليس اھلڪارن ۾ چڪريون ٿي پيون، جنھن تي پوليس اھلڪارن لٺبازي ڪئي ته متاثرن ۾ ڀاڄ پئجي وئي، جنھن ۾ ھڪ ڄڻو پڌريو فارم جو رھواسي لٺيون لڳڻ سبب زخمي ٿي پيو، جڏهن ته پوليس ڀيل برادري جي 2 ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو، ٻي طرف ٻوڏ متاثرن شوڪت خاصخيلي، حاڪم کوسو، مائوجي ڪولھي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ زخمي کي کڻي پريس ڪلب اڳيان ڪوٽ غلام محمد_ ميرپورخاص روڊ تي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو، ان موقعي شوڪت علي خاصخيلي، مائوجي ڪولھي، حاڪم کوسو ۽ ٻين دانهيندي چيو ته اومني سينٽر تي ڊوائيس مالڪ ۽ پوليس اھلڪارن توڙي ايجنٽن جي ملي ڀڳت سان 15 سئو کان 2 ھزار رپين تائين رقم مان ڪٽوتي ڪئي پئي وڃي، اسان اعتراض ڪري مزاحمت ڪئي ته سينٽر تي مقرر پوليس اھلڪارن اسان مٿان لٺين جو وسڪارو ڪيو، جنهن سبب 35 سالن جو معشوق آرائين زخمي ٿي پيو آهي، هنن چيو ته پوليس ڀيل برداري جي ٻن ڄڻن کي بنا جواز گرفتار ڪري وئي آهي، نوٽيس وٺي انصاف ڪيو وڃي، ٻي طرف پوليس مظاهرين سان ڳالهيون ڪري روڊ کولرايو، بعد ۾ گرفتار ٻن ڄڻ کي آزاد ڪيو ويو.