سامارو (ن پ ا) سامارو ۾ برساتي پاڻي نه ڪڍڻ ۽ متاثرن جي واھر نه ٿيڻ خلاف سياسي سماجي ڌرين احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو، ان موقعي تي عظيم خاصخيلي ۽ ٻين چيو ته ٻن مھينن کان مٿي عرصو گذري ويو آهي پر 8 ئي يوسيز جا سوين ڳوٺ ۽ ھزارين ايڪڙ زمينون اڃا تائين برساتي پاڻي ۾ ٻڏل آھن، جنهن ڪري ڪڻڪ، توريو، سورج مکي، گاهه ۽ ڀاڄين جي پوکائي نه ٿي سگھندي، هنن چيو ته متاثرن کي سرڪاري طور تي خيما، راشن ۽ پاڻي وغيره ناهي ملي سگھيو، هنن مطالبو ڪيو ته متاثرن جي واهر ڪري پاڻي نيڪال ڪرايو وڃي.