سامارو (ن پ ا) سامارو ۾ سنڌ ترقي پسند پارٽي پاران منشيات جي وڪري ۽ اٽي جي کوٽ خلاف احتجاجي ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو ويو، جنهن ڪري ٽريفڪ معطل ٿي وئي، ان موقعي تي ذوالفقار خاصخيلي، ميھار بنگلاڻي، ذولفقار دلواڻي، ڏامرو مل، اسلم مھر ۽ ٻين چيو ته هتي منشيات سرعام ھلي رھي آهي، انتظاميا منٿلي ملڻ سبب اکيون بند ڪري ڇڏيون آهن، هنن چيو ته علائقي ۾ اٽو اڻلڀ ٿي ويو آهي، جنهن لاءِ انتظاميا ڪي به قدم نه پئي کني، هنن مطالبو ڪيو ته شهر ۾ منشيات وڪرو ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪري سستو اٽو مهيا ڪيو وڃي.