سامارو( رپورٽ جئيپال مالهي ) سامارو تعلقي جي يونين ڪائونسل آراڙو ڀرڳڙي جي ڳوٺ نبن خان ڀرڳڙي واسي 35 سالا نوجوان محمد موسيٰ ڀرڳڙي جو بيدردي سان منهن ۾ گوليون هڻي قتل ڪيل لاش سامارو ۽ صالح ڀنڀرو پوليس ڳجهي اطلاع ملڻ تي هٿ ڪرڻ بعد سامارو تعلقه اسپتال پهچايو جتي نوجوان جو پوسٽ مارٽم ڪيو ويو. مقتول نوجوان محمد موسيٰ جي منهن ۾ گوليون لڳل هيون. پوسٽ مارٽم ڪندڙ ڊاڪٽرن موجب لاش 18 کان 20 ڪلاڪ پراڻو آهي. هوڏانهن مقتول نوجوان جا وارث خبر پوڻ تي سامارو ٿاڻي ۽ تعلقه اسپتال پهچي ويا. مقتول جي والد خميسو ڀرڳڙي، ڀاءُ ايوب ڀرڳڙي، سئوٽ بجار ڀرڳڙي دانهون ڪندي ميڊيا کي ٻڌايو ته ڳوٺ جي چڱي مڙس رئيس شاهه محمد ڀرڳڙي ۽ ماڻڪ ڀرڳڙي ڏيڍ مهينو اڳ اسان جي زمين ۽ هڪ عورت شاهده بيواهه محمد عمر جي زمين هڙپ ڪرڻ لاء ڪوڙو ڊرامو ٺاهي بيواهه عورت جي نياڻي پروين ڀرڳڙي ۽ نوجوان موسيٰ ڀرڳڙي تي ڪارنهن جو ڪوڙو الزام لڳائي ٻنهي ڌرين کي ڳوٺ نيڪالي جو حڪم ڏنو. جنهن بعد اسين سمورا ماڻهن ڳوٺ بدر ٿياسين، اسان جي گهرن سميت الهه تلهه تي رئيسن قبضو ڪري ورتو. گذريل رات ڳوٺ جي جاويد ڀرڳڙي نالي شخص اسان جي نوجوان محمد موسيٰ کي فون تي دولاب ڏئي گهرائي رئيسن جي اوطاق تي قتل ڪري لاش ٽريڪٽر ٽرالي ۾ وجهي ڳوٺ کان ڳچ پنڌ تي وهندڙ سم نالي ۾ اڇلايو. هنن چيو ته اسان سان ظلم ٿيو آهي، مقامي ڀوتار کي بااثرن جي حمايت حاصل آهي، جنهن ڪري پنهنجا ڪجهه واٺا ٿاڻي تي ڏئي پاڻ آزاد ڪرائڻ چاهي ٿو، اسان اهو به ٻڌو آهي ته قتل جو مُک جوابدار رئيس شاهه محمد ٻه ڏينهن اڳ پاڻ کي بيمار ڄاڻائي ڪنهن اسپتال ۾ داخل ڪرائي هي واقعو ڪرايو اٿس. هنن چيو ته غريب آهيون ظلم ٿيو آهي اسان جي زمينن تي قبضا ڪري ڪوڙا الزام هڻي اسان کي ڳڀرو پٽ جو لاش ڏنو ويو آهي. هنن اعليٰ عدالتن ۽ سنڌ حڪومت کان انصاف جي اپيل ڪئي آهي. سامارو پوليس ٽي ماڻهو شڪ جي بنياد تي گرفتار ڪيا آهن جن بابت مقتول ڌُر اهو چئي رهي آهي ته اهي گرفتار ٿيل جوابدار اسان جا ڏوهي ناهن پر اسان جو ڏُوهي ڀوتار شاهه محمد ڀرڳڙي، ماڻڪ ڀرڳڙي، جاويد ڀرڳڙي آهن جن کي گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪيو وڃي.