سامارو (ن پ ا) سامارو ڀرسان ٽن ٻارڙن جي ماءُ مبينا اغوا، ٻن جوابدارن خلاف  ڪيس داخل، خبرموجب کن فارم واسي سليمان ڀٽي سامارو ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪرائيندي ڄاڻايو آهي ته سندس غير موجودگي ۾ ڪار ۾ سوار هٿياربند مهتاب آريسر ۽ 2 نامعلوم ماڻهو گهر واري ٽن ٻارڙن جي ماءُ 32 سالا نوران ڀٽي کي اغوا ڪري ويا آهن، هوڏانهن پوليس ڪيس داخل ڪري وڌيڪ جاچ ڪري رهي آهي،