سامارو (ن پ ا) سامارو ڀرسان عورت سان مبينا زيادتي جي ڪوشش، عورت ٻارڙن ۽ مڙس سميت ٿاڻي تي پهچي  وئي، جوابدار  خلاف درخواست داخل، خبرموجب نصير موڙ جي ڳوٺ طاهر خان  ڌونڪائي جي رهواسڻ مڪان زال ڀورو ڌونڪائي پنهجي ٻارن سميت سامارو ٿاڻي تي پهچي درخواست داخل ڪرائيندي ڄاڻايو ته سندس ڳوٺ واسي يارو ڌونڪائي رات دير سان گهر ۾گهڙي زيادتي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، جڏهن ته رڙين تي مڙس ۽ پاڙي وارا پهچي ويا، جنهن بعد جوابدار فرار ٿي ويو، هن اختيارين کي اپيل ڪئي ته جوابدار کي گرفتار ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي،