سامارو (ن پ ا) سامارو جي ديھه سونٺي جي ڳوٺ شورا فارم ۾ گھرن کي باهه لڳڻ سبب 3 پورهيتن ميوو ڀيل، ڪارَو ڀيل، گلاب ڀيل ۽ ٻين جا گھر سڙي ويا، متاثرن موجب باهه لڳڻ سبب 2  موٽر سائيڪلون، ڪڻڪ، هنڌ، سونا زيور، کٽون، پکا ۽ ٻيو سامان سڙي رک جو ڍير ٿي ويو، متاثرن ٻڌايو ته اسان ڪڻڪ جي لاباري تي ويل هئاسين ته گهرن کي باهه لڳي، علائقي واسين فائربرگيڊ عملي سان گڏجي باهه تي ضابطو آندو، متاثرن سرڪار ۽ سرندي وارن کي سهائتا جي اپيل ڪئي آهي.