سامارو (ن پ ا) برساتن سامارو جي ھيرل واري علائقي ۾ تباھي مچائي ڇڏي آهي، ھيرل جي علائقي جون 5 ديھون  ديھه 14، 15، 12، 13، 13 ۽ ديهه ڀنڀرا جا سوين ڳوٺ ۽ فصل پاڻي ۾ ٻڏل آهن، جڏهن ته مسلسل پاڻي بيھڻ سبب وونڻن جي پوکيل فصل کي ڪاپاري ڌڪـ لڳو آهي، متاثر ڳوٺن جي رهواسين پاڻي نيڪال نه ڪرڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو، هنن مطالبو ڪيو ته علائقي مان پاڻي نيڪال ڪرائي مسئلو حل ڪيو وڃي،