سامارو (ن پ ا ) سامارو ڀرسان برساتي پاڻي ۾ ٻڏل ڳوٺ مان سامان کڻڻ ويل عورت سڪينا شيدي ۽ سندس پٽ 12 ورهين جي پٽ عميز علي کي اغوا  ڪرڻ جي ڪوشش، مزاحمت بعد  جوابدار مبينا طور   12 ورهين جي  عميز علي کي اغوا ڪري ويا، 2 عورتن سميت 6 ڄڻن خلاف ڪيس داخل، ان ڏس ۾ سامارو جي صحافي علي محمد شيدي جي زال مسمات سڪينا سامارو ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪرائيندي ڄاڻايو ته اسين سامارو شھر ڀرسان ڳوٺ حاجي رمضان شيدي ۾ رھندا آهيون، اسان جو ڳوٺ برساتي پاڻي ۾ ٻڏل آهي، جنھن ڪري درگاهه بچل شاھ ڀرسان عارضي پناھه گاھ ۾ رھندا آھيون، رات آئون پنهنجي پٽ عميز علي سان گڏ پنهنجي ڳوٺ مان گھرو سامان کڻي واپس عارضي پناھه گاھه طرف اچي رھيا ھياسين ته پراڻي ايريگيشن بنگلي واري روڊ تي ھڪ  موٽرسائيڪل تي سوار 2 ماڻهن ۽ ھڪ ڪار جنھن ۾ سوار 2 عورتون ۽ 2 مردن هٿيارن جي زور تي منهنجي پٽ کي اغوا ڪري ويا، عورت دانهيو ته بااثر وڏيري هٿياربندن کي چيو ته  ھي علي محمد شيدي جي فيملي آهي ھي منهنجي خلاف خبرون ٿو ھلائي ھنن کي کڻي گاڏي ۾ وجھو ھنن کي ڀنگ وٺي پوءِ ڇڏيندس، هن چيو ته منهنجي مڙس خلاف به وڏيري ڪيس داخل ڪرايا آهن، جنهن سبب  اھو ڪافي ڏينهن کان گھران گم آهي، هن مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي پٽ کي بازياب ڪرايو وڃي…