سامارو (رپورٽ: جئيپال مالهي) سامارو لڳ عورت ڳلو ڪپي مبينا قتل، گهر مان لاش هٿ، وارثن جو چوڻ آهي ته عورت کي مڙس گهرو تڪرار تان ڳلو ڪپي قتل ڪيو آهي، خبر موجب ڳوٺ جان محمد ڳھلڙو ۾45 سالن جي آمنه زال محمد صديق ڳھيلڙو کي مبينا ڳلو ڪپي قتل ڪيو ويو، جنهن جو لاش سندس گهر مان ھٿ آيو، عورت جي ڀاءُ جي اطلاع تي سامارو ۽ صالح ڀنڀرو پوليس واقعي واري هنڌ پھچي مقتول عورت جو لاش تحويل ۾ وٺي سامارو تعلقه اسپتال آندو، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو، ان موقعي تي عورت جي ڀاءُ ممتاز ڳھيلڙو ٻڌايو ته ڀيڻوئي محمد صديق ڳھيلڙو جون 2 شاديون ٿيل آھن، منھنجي ڀيڻ سان هن جو گهرو تڪرار هلندڙ هو، هن چيو ته منھنجي ڀيڻ کي مڙس تيز ڌار اوزار سان ڳلو ڪپي قتل ڪيو آھي، اسپتال جي ايم ايس ڊاڪٽر شيوارام مالھي ۽ ليڊي ڊاڪٽر علينا علي ٻڌايو ته عورت جو ڪنھن تيز ڌار اوزار سان ڳلو ڪپيل آھي، جزا وٺي ليبارٽري اماڻيا ويندا، جتان رپورٽ اچڻ بعد وڌيڪ ٻڌائي سگھجي ٿو، آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو ۽ نه ئي ڪا گرفتاري عمل ۾ اچي سگهي آهي،