سامارو (ن پ ا) سامارو ڀرسان ڳوٺ صديق ڳيهلڙو ۾ تيز ڌار اوزار سان 45 سالا عورت آمنه ڳهيلڙو جي قتل جو صالع ڀنڀرو پوليس پوسٽ انچارج اي ايس آءِ دين محمد بنگلاڻي جي فرياد تي سرڪاري مدعيت ۾ مقتول عورت جي مڙس محمد صديق ۽ سندس پٽ عبدالزاق ڳهيلڙو، رحمت الله، ٻن عورتن وسندي ۽ زليخان خلاف داخل ڪيو ويو آهي، ڪيس داخل ٿيڻ بعد سامارو پوليس جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هڻڻ جو سلسلو شروع ڪري ڇڏيو آهي، آخري اطلاعن تائين پوليس هڪ به جوابدار گرفتار نه ڪري سگهي هئي،