سامارو (ن پ ا ) سامارو لڳ هفتو اڳ ڳلو ڪپي قتل ڪيل عورت جي ڪيس ۾ گرفتار 5 جوابدار عدالت ۾ پيش، 3 ڏينھن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي، خبر موجب هفتو اڳ ڳوٺ جان محمد ڳھيلڙو ۾ 45 سالن جي عورت آمنه ڳھيلڙو کي ڳلو ڪپي قتل ڪيو ويو هو، جنهن جي ڪيس ۾ گرفتار جوابدارن عورت جي مڙس محمد صديق، سندس ٻئي زال وسندي، پٽ رزاق، رحمت الله ڳھيلڙو ۽ ڌيءُ زليخان کي پوليس سول جج جي عدالت ۾ پيش ڪيو، جتي عدالت 5 ئي گرفتار جوابدارن کي 3 ڏينھن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو،