ڪراچي (م ڊ) سال جو پهريون ۽ انوکو سج گرهڻ ٿيو، پاڪستان ۾ اهو نظر نه آيو. پاڪستان جي موسميات کاتي موجب سال جو پهريون ۽ هائبرڊ سج گرهڻ صبح 6 لڳي 34 منٽن تي شروع ٿيو ۽ آهستي آهستي سج کي گرهڻ 7 لڳي 37 منٽن تي مڪمل ٿيو ۽ 9 لڳي 17 منٽن تي سج گرهڻ پنهن جي عروج تي هو. بعد ۾ 11 لڳي 59 منٽن تي سج گرهڻ ختم ٿي ويو. ان نظاري کي ڏکڻ اوڀر ايشيا، آسٽريليا، بحرالڪاهل ۽ ڀرپاسي جي ملڪن توڙي انٽارڪٽيڪٽا ۾ ڏٺو ويو جڏهن ته آمريڪا ۽ يورپ ۾ اهو نظارو ڏسڻ ۾ نه آيو.