سازشي قوتن جي ڪيفيت ۽ نوان فتنائي!

0
240
ڌرتيءَ دين ڌرم!

ملڪ جي هر حڪمران فقط سنڌ سنڌي سماج سنڌ جي تهذيب ۽ سنڌ جي وحدت خلاف ڪرايل فيصلن کي پنهنجو عظيم مفاد سمجهيو آهي.اهو لساني ٽولو، هن وقت حد کان وڌيڪ ڪمزور به ٿي ويو آهي ته خطرناڪ به بنجي چڪو آھي.جيڪو پنهنجي سوچ ۾ ڪنهن نه ڪنهن حد تائين اعتدال رکي ٿو يا اهو ايترو انتها پسند نه آهي اهي ماڻهو به ڪنهن سطح تي موجود آهن. ٻئي پاسي ڪجهه عالمي طاقتن جو ڪردار سدائين اهم رهيو آھي، اهي کين ڪيئي ڀيرا ڪراچي ۽ حيدرآباد سندن حصي ۾ ڏيڻ جي خاطري ڪرائي چڪيون آهن. اهوئي سبب آهي جو پيپلز پارٽي طرفان سنڌ ۾ ٻٽي نظام جي اعلان ۽ ان تي سنڌ جي انتهائي سخت رد عمل باوجود، اهو ٽولو ڪنهن به سطح تي پريشاني ظاهر ڪرڻ بجاءِ، مڪمل طور مطمئن نظر اچي رهيو آهي. اڻويهين صدي جي چوٿين ڏھاڪي واري سنڌي جاگيردارن جي سوچ ڪري ستين ڏھاڪي واري غلاميءَ جي جديد شڪل ۾ جڪڙيل سنڌ، هاڻي پنهنجي بدترين صورتحال يعني پنهنجي هڪ وڏي ۽ اهم ترين حصي تي ڌارين جو قبضو قانوني بڻجي وڃڻ طرف وڌي رهي آهي! ذهني غلامي ۾ ورتل سنڌي سماج طرفان ان ڳالهه کي سمجهڻ ۾ وڃايو ويندڙ وقت به، سنڌ سان مٿي ڄاڻايل هڪ دشمنيءَ جيان ئي هوندو.
سنڌ دشمن عنصرن جي نئين درجا بندي:
سنڌ جي مڙني پراڻن غدارن مان شايد ئي ڪنهن سنڌ کي ايترو نقصان پهچايو هجي، جيترو نئين دور جي فسادي گروهن پهچايو آهي. سنڌ جو هڪ مخصوص جاگيردار ٽولو، چاهي اهو ڪنهن به پارٽي جي نالي ۾ ڪم ڪندڙ هجي، اهو لڳاتار ٽيهتر سالن کان سنڌ جو وجود تباهه ڪرڻ جي هر سازش ۾ انتهائي خصيص ۽ ذاتي مفادن لاءِ، حصو بڻجي رهيو آهي. ان سڄي عرصي ۾ سنڌي عوام ان طبقي کان ڪو حساب ڪتاب وٺڻ ته پري رهيو، پر چڱي ريت ان کي سڃاڻي به ناهي سگهيو! اڪثر حالتن ۾ ته اهي غدار ئي وطن دوست جي روپ ۾، سنڌي سماج جي ڪلهن تي ئي سوار ٿيل نظر ايندا رهيا آهن. ڌرتيءَ جي ماضيءَ وارن غدارن تي صدين کان جاري ملامت ڪافي ٿي وئي، سنڌين کي هاڻي پنهنجي جديد دور جي غدارن جي فهرست جوڙي، ڌرتي دشمنيءَ جي هر مثال طور انهن جي نالن کي ئي سامهون آڻڻ جو ڪم ڪرڻو پوندو. ٻي حالت ۾ اڳواڻن جي روپ ۾ رهزن تمام جلد سنڌ کي هميشه لاءِ تباهي ۽ غلاميءَ ۾ ڌڪي ڇڏيندا. “پنهنجي وڍي جو پوءِ نه ڪو ويج هوندو، نه ئي طبيب”! ساڳيو ئي ٽولو، پنهنجي موجوده حڪمرانيءَ جو پورو دور سنڌ دشمني ڪرڻ باوجود، چونڊن ۾ مظلوميت جو اهڃاڻ بڻائي سنڌين سان هڪ نئين ٺڳي ڪرڻ طرف ويندا آھن. سنڌين جي مظلوم پرور طبيعت جي خبر هئڻ ڪري، اهي هن وقت سنڌ جي ڪنهن به مفاد لاءِ سوچڻ جي پرواهه ڪرڻ بنا، مستقبل ۾ ملندڙ ڪاميابين تي يقين ڪري ويٺل آهن. هاڻي اهو سنڌي سماج کي ثابت ڪرڻو آهي ته اهي اڃان تائين نشي جي پنڪيءَ ۾ آهن يا ڌرتي جي تباهيءَ جو تصور، سندن ذهنن کي سجاڳ ڪري چڪو آهي. انهي سموري پسمنظر کي ذھن ۾ سمائي ڇا ڪرڻ گهرجي…؟؟
سنڌي ماڻھن جي وطن دوستي، هن وقت تائين ميوو نه ڏيندڙ ڪنهن وڻ کان وڌيڪ حيثيت حاصل ناهي ڪري سگهي. سنڌي قوم پرستي، ننڍي کنڊ جي اڪثر قومن جي ڀيٽ ۾ اهم ليکي وڃڻ باوجود، نتيجا حاصل ڪرڻ جي ميدان ۾، ٻُڙي جي حد تي بيٺل آهي. سنڌي ماڻھن کي قومي طور “سنڌ” ۽ “سنڌ دوست” هئڻ بابت پنهنجو تصور تبديل ڪرڻو پوندو. پنهنجي قيادت توڙي پنهنجي پاڻ ڏانهن “سنڌ جو سڄڻ هئڻ وارو” روايتي تصور تبديل ڪرڻو پوندو. سنڌ دوست ڇا آهي؟ هڪ سنڌ دوست کي ڇا هئڻ گهرجي؟! اهڙا سوال ۽ انهن جا تُز ۽ بَي ريا جواب پنهنجي ذهن ۾ ويهاري، پنهنجي پاڻ کي به ته، سنڌ دوستيءَ جي هر دعويدار کي به، انهن تي پرکڻو پوندو. اها پرواهه ڪرڻ بنا ته ان اڳواڻ يا ان شخص جي پنهنجي بابت دعويٰ ڇا آهي؟. هڪ چور ۾، هڪ ٺڳ ۾، هڪ ڦوروءَ ۾، هڪ ڌاڙيل ۾، هڪ قبضاگير ۽ ڀتاگير ۾، هڪ غدار ۾ ۽ ان جي مقابلي ۾ هڪ سچي سنڌ دوست ۾ فرق جي ليڪ ڪڍڻ ۽ ان بنياد تي پنهنجا رويا مقرر ڪرڻ بنا، اسان طرفان ٿيندڙ هر عمل نه رڳو پنهنجي پاڻ پر سنڌي قوم سان به دشمني ئي هوندو. هڪ نئين سوچ ۽ سنڌ دوستيءَ جو هڪ حقيقي تصور ئي، پنهنجن هٿن سان غلاميءَ ۾ ڏنل هن سنڌ جو وجود بچائي سگهي ٿو. اهڙي سنڌ، جيڪا هاڻي غلامي کان به بدترين حالت، ٽڪرا ٽڪرا ٿيڻ طرف وڃي رهي آهي. اهڙا منظر نه صرف ڏوھه آھن پر عظيم گناھُه آھن! سنڌ ماءُ آھي سنڌ سڀ آھي، سنڌ وطن وطن ڪرڻ وارا سنڌ دوست ضرور آھن پر اُھي سنڌ دشمن سان گڏ به آھن! اسان کي سنڌ جي معاملي ۾ هائيبرڊ نه ٿيڻ گھرجي…!