کورواھ (ن پ ا) لاڙ جي ڏاکڻي ضلعن ۾ ساريال جو بمپر فصل تيار، اگھه مقرر نه ٿيا، اپت ۾ ريڪارڊ لاٿ، ان ڏس ۾ بدين، سجاول، ٽنڊو محمد خان ۽ ٺٽي ۾ سارين ۾ لابارا شروع ٿيڻ بعد نئون فصل مارڪيٽ ۾ ايندي ئي واپارين پاران هڪ هٽي قائم ڪري من پسند اگهه مقرر ڪري ڇڏيا آهن، ان حوالي سان آبادگارن ضمير پنهور،  غلام علي نوحاڻي، وڪيو ميمڻ، جمن ملاح ۽ ٻين دانيهندي چيو ته   سارين ۾ لابارا شروع ٿي ويا آهن پر سرڪار اگھه مقرر ناهي ڪيو، جنهن سبب واپاري ساريون 19 سئون رپين ۾ مڻ خريد ڪري نقصان ڏئي رهيا آهن،  هنن چيو ته ان ڪچو ڄاڻائي مڻ تي  5 کان 6 ڪلو ڪٽوتي ڪئي ٿي وڃي، جيڪا ناانصافي آهي، هنن مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي سارين جو  في مڻ اگهه 25 سئو  مقرر ڪيو وڃي.