ممبئي(شوبز نيوز)بالي ووڊ جي خوبرو اداڪاره ساره علي خان مداح کي سيلفي ٺاهڻ تان دڙڪا ڏنا.اداڪار سيف علي خان ۽ امرتا سنگهه جي ڌيءَ ساره، ڀاءُ ابراهيم علي ماءُ سان گڏ مالديپ کان ممبئي ايئرپورٽ پهتا.رپورٽ موجب هي ٽئي ڄڻا مالديپ کان ممبئي پهتا آهن، ايرپورٽ تي هڪ نوجوان ساڻس سيلفي ٺاهڻ جي ڪوشش ڪئي ته هوءَ ڪاوڙ ۾ وٺجي وئي، ان موقعي تي کيس ماسڪ به پاتل هو، مداح پاران ماسڪ لاهڻ تي کيس ڪاوڙ وٺي وئي ۽ کيس ڪورونا کي نظر ۾ رکندي کيس سماجي فاصلو رکڻ جو سبق سيکاريو.