ڪراچي: ڊفينس ۾ جانورن جي اسپتال هلائيندڙ ڊاڪٽر شان سليم ٻڌايو ته ساره سان سندس دوستي  ۽ جنسي لاڳاپا هئا، منهنجا هڪ ٻي ملازمه سان به جنسي لاڳاپا هئا، اهڙي خبر  پوڻ تي ساره ڪاوڙ ۾اچي انتهائي قدم کنيو. پوليس موجب ڊاڪٽر شان سليم پهنجي ڪلينڪ جا سي سي ٽي وي فوٽيج به ڊليٽ ڪرايا، پوليس موجب ڊاڪٽر شان  سارہ کي 2 لک رپيا قرض طور ڏنا، انهي بنياد تي هو ساره کي بليڪ ميل ڪندو هو، جمعي واري ڏينهن به هن ساره سان زيادتي ڪئي، سارہ اها ڳالهه گڏ ڪم ڪندڙ هڪ ملازمه کي به ٻڌائي. پوليس موجب ڊاڪٽر شان اڳ ۾ به ڪيترن ئي ڇوڪرين کي بليڪ ميل ڪري چڪو آهي، کانئس وڌيڪ پڇا ڳاڇا ڪئي پئي وڃي