ڪراچي (اسپورٽس نيوز) پاڪستان شوبز انڊسٽري جي مشهور اداڪارا سارا خان جو نئون هيئر اسٽائل ڏسي مداح بيزار ٿي پيا. سارا خان پاڪستان جي بهترين ۽ خوبصورت اداڪارائن مان هڪ آهي، جيڪا نه رڳو خوبصورت نظر اچي ٿي پر ان جا وار به تمام سٺا آهن. مداح سارا خان جي اداڪاري کي پسند ڪندا آهن پر اڄڪلهه سارا خان جو نئون هيئر اسٽائل سوشل ميڊيا تي ڌيان جو مرڪز بڻيل آهي. سارا خان پنهنجي نئين هيئر اسٽائل کان خوش آهي پر اداڪارا جي مداحن کي سندس وارن جو اسٽائل ائين لڳي ٿو ته  بلڪل ناهي وڻيو. مداحن جو چوڻ آهي ته ساره خان جو نئون هيئر اسٽائل سندس چهري تي سٺو نٿو لڳي جڏهن ته ڪجهه مداحن جو اهو به چوڻ آهي ته اداڪارا ڊگهن وارن سان بهتر نظر ايندي هئي. سوشل ميڊيا واهپيدارن ساره خان جي نئين هيئر اسٽائل تي گڏيل رد عمل جو اظهار ڪيو آهي.