نيويارڪ (دلچسپ نيوز) سائيڪل سوار موبائل هلائيندي ڪارسان ٽڪرائجي ويو. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب آمريڪي شهر نيويارڪ ۾ هڪ انوکو واقعو پيش آيو جنهن جي وڊيو وائرل ٿي وئي. رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته هڪ شهري سائيڪل تي سوار تي روڊ تان وڃي رهيو هو جڏهن ته ان دوران شهري موبائل جو پڻ مزو وٺي رهيو هو،موبائل ۾ مصروف نوجوان ايترو ته ان ۾ گم ٿي ويو جو کيس اڳيان بيٺل ڪارنظر نه آئي ۽ هو بيٺل ڪار سان ٽڪرائجي ويو. ڪار سان ٽڪرائجڻ بعد نوجوان هيڏانهن هوڏانهن ڏسڻ لڳو ۽ پوءِ اٿي روانو ٿي ويو جڏهن ته ڪنهن نوجوان جي اها وڊيو ڀري سوشل ميڊيا تي رکي ڇڏي.