ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي ڪنزيومر پروٽيڪشن ڪورٽ شهري پاران ڪراچي جي خانگي اسپتال سائوٿ سٽي مان ڪرايل الٽراسائونڊ ۾ گردن ۾ پٿري نظر نه اچڻ تي اسپتال جي ريڊيالاجي سروس ناڪاره هئڻ بابت داخل ڪيل درخواست تي سائوٿ سٽي اسپتال جي انتظاميا تي هڪ لک 58 هزار رپيا ڏنڊ وجهي ڇڏيو. عدالت اسپتال انتظاميا کي ريڊيالاجي سروس بهتر ڪرڻ جي به هدايت ڪئي. درخواستگذار جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته درخواستگذار ڏيڍ ڪروڙ هرجاڻي جي دعويٰ داخل ڪئي آهي، ڇاڪاڻ ته اسپتال انتظاميا سندس مجبوري جو فائدو ورتو آهي. درخواستگذار موجب آئون گردي جي تڪليف سبب سائوٿ سٽي ويس، جتي الٽرا سائونڊ ڪرايم پر پر الٽرا سائونڊ ۾ پٿري نظر نه آئي جنهن کانپوءِ ٻيهر آغا خان اسپتال مان الٽرا سائونڊ ڪرايو، جتي گردي ۾ پٿري نظر اچي وئي،