اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پي اي سي جي ذيلي ڪاميٽي جو اجلاس مشاهد حسين سيد جي صدارت ۾ ٿيو، اجلاس ۾ سائنس ٽيڪنالاجي وزارت جي آڊٽ رپورٽ جو جائزو ورتو ويو، سائنس ٽيڪنالاجي وزارت جي عمارتن جي تعمير جي منصوبن ۾ڪروڙين رپين جي بي ضابطگين جي جاچ پڙتال جي مامري تي آڊٽ اختيارين ٻڌايو ته وزارت پاران ايف آءِ اي کي وقت سر رڪارڊ فراهم نه ڪيو ويو، 2017-18ع جو ڪيس آهي، رڪارڊ 2023ع ۾فراهم ڪيو ويو، منصوبو 19 ڪروڙ سان شروع ٿيو، دير جي ڪري لاڳت ڏيڍ ارب تائين پهچي وئي، سائنس ٽيڪنالاجي وزارت جي سيڪريٽري ٻڌايو ته لاڳت ۾ اضافو عمارت جون 3 منزلون وڌائڻ ۽ دير سبب ٿيو، آڊٽ اختيارين ٻڌايو ته منصوبي ۾صرف بي ضابطگيون نه ٿيون آهن پر ڪرپشن جو عنصر به شامل آهي، ڪم ۾ دير سبب ڪانٽريڪٽر تي 20 ڪروڙ ڏنڊ لڳڻ گهرجي ها، پي اي سي ايف آءِ اي کي انڪوائري جلد مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪندي 23 مارچ تائين تفصيلي رپورٽ طلب ڪري ورتي، پي اي سي جي ذيلي ڪاميٽي پاڪستان حلال اٿارٽي کي به ڪارڪردگي بهتر بنائڻ جي هدايت ڪري ڇڏي.