سئو سال عمر واري جوڙي جي ڪورونا کي شڪست

0
440

نئين دهلي (دلچسپ نيوز) سئو سال عمر واري جوڙي ڪورونا کي شڪست ڏئي ڇڏي. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب ڀارتي رياست مهارا شٽر ۾ هڪ شهري ڌنيو اوماجي 105 ۽ موٽا ٻائي 95 بهارون ڏسي چڪا آهن، ٻئي زال مڙس مارچ ۾ ڪورونا جو شڪار ٿيڻ بعد اسپتال داخل ٿيا، اسپتال ۾ پيرسن جوڙي جي لاڳيتو سارسنڀال ٿيندي رهي جنهن بعد سندن ٽيسٽ ڪئي وئي جنهن جو نتيجو منفي اچي ويو، پيرسن جوڙي کي صحتياب ٿيڻ تي اسپتال مان فارغ ڪري گهر منتقل ڪيو ويو، گهر پهچڻ تي ڀاتين جشن ملهايو.