سڪرنڊ (ن پ ا) سڪرنڊ ۾ ھڪ مھينو اڳ ٽرانسفارمر ڦاٽڻ جي نتيجي ۾ ٽن ٻارڙن جي سڙي فوت ٿيڻ واري معاملي جو نبيرو ايس يو پي جي  مرڪزي صدر سيد زين شاهه وٽ ٿيو، جنهن ۾ اي سي واپڊا رشيد انصاري، ايڪسيئن ديدار چنا، اڳوڻو ايس ڊي او راجا اصغر ڳاھو، اڳوڻو ايل ايس شاھنواز ٻرڙو، ايس ڊي او ادريس جمالي، ايس يو پي اڳواڻ فلڪ شير اوڏ، تيجا رام، ٻارڙن جا والدين پنھومل جنڊاوڙو، مگو جنڊاوڙو ۽ ٻين شرڪت ڪئي، سيد زين شاهه ٻنھين ڌرين جون ڳالھيون ٻڌڻ بعد فتويٰ ڏني، جنهن موجب واپڊا جي عملي جي غفلت ثابت ٿي ۽ ٽنھي ٻارڙن جو معاوضو 43 لک روپيا مقرر ڪيو ويو، جيڪو واپڊا عملدار ھڪ مھيني اندر فوت ٿيل ٻارڙن جي وارثن کي ادا ڪرڻ جا پابند ھوندا، جنهن بعد وارث ڪيس تان ھٿ کڻندا، جڏهن ته سنڌ حڪومت ۽ ڊي سي پاران اعلانيل 30 لک الڳ ھوندا، جيڪي وارثن کي ڏياريا ويندا، فيصلي بعد ٻئي ڌريون  راضي ٿي ويون ۽ فيصلو قبول ڪري ورتو، واضح رهي ته ٽرانسفارمر ڦاٽڻ سبب 11سالا رتن ولد پنھون مل جنڊاوڙو، 12 سالا ديپڪ ولد جگو مل جنڊاوڙو ۽ 15 سالا ساگر ولد منگو جنڊاوڙو زخمي ٿيڻ بعد اسپتال ۾ فوت ٿي ويا هئا، جڏهن ته وارثن جي سخت احتجاج بعد واپڊا جي 6 ملازمن راجا ڳاھو، شاھنواز ٻرڙو، زاھد حسين، ھڪ نامعلوم ۽ ٻين خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو هو،