زينب ڀيو زيادتي ڪيس: ڌرين ۾ ٺاهه، جوابدارن هڪ ڪروڙ ڏنڊ ڀري ڏنو، سمورا باعزت بري

0
491

کپرو (ن پ ا) زينب ڀيو ڪيس ختم، زيادتي جو نشانو بڻيل ناري زينب ۽ سندس فريادي چاچو بيان تان ڦري ويا، عدالت ڪيس جي سمورن جوابدارن کي باعزت بري ڪري ڇڏيو، ذريعن جو چوڻ آهي ته ناري جي وارثن ۽ جوابدار ڌر ۾ ٺاهه ٿيڻ ۽ هڪ ڪروڙ ڏنڊ ڀرڻ بعد بيان ڦيرايا ويا

جنهن ڪري جوابدار بري ٿيا آهن، خبر موجب  2010 ۾ ناري زينب ڀيو کي چئن جوابدارن زيادتي جو نشانو بڻائي اعتراض جوڳي وڊيو ٺاهي سوشل ميڊيا تي وائرل ڪئي هئي، جنهن بعد سندس چاچي ڊاڪٽر امين ڀيو ٽن نارين تحريم، فراصت ۽ ناياب سميت دانش، جهازيب، وسيم قائمخاني ۽ سهيل خلاف ڪيس داخل ڪرايو هو، جنهن بعد کپرو جي عدالت دانش، جهانزيب ۽ وسيم کي ڦاسي جي سزا ۽ سهيل کي عمر قيد جي سزا ڏني هئي

جنهن فيصلي کي سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بينچ حيدرآباد ڪالعدم قرار ڏيندي ڪيس ٻيهر هلائڻ لاءِ هيٺين عدالت اماڻي ڇڏيو هو، جتي فريادي ڊاڪٽر امين ۽ متاثر ناري زينب پنهنجي اصل ڏنل بيان تان ڦري ويا

جنهن کان پوءِ ڪالهه عدالت ٻيهر فيصلو ڏيندي سمورن جوابدارن کي باعزت بري ڪري ڇڏيو، ذريعن جو چوڻ آهي ته واقعي جي 5 سالن بعد 2015 ۾ ڀيا برادري جي چڱي مڙس بابل ڀيو وارثن ۽ قائمخاني برادري وچ ۾ ٺاهه ڪرائي جوابدار ڌر تي هڪ ڪروڙ رپيا ڏنڊ رکيو هو، ذريعن موجب اها رقم جوابدار ڌر ان وقت بابل ڀيو حوالي ڪئي هئي

جنهن پنهجو حصو ڪٽي باقي 70 لک رپيا زينب جي وارثن کي ڏنا هئا، جنهن بعد زينب جي چاچي فريادي ڊاڪٽر امين شاهدي ڦيرائي ڇڏي هئي پر زينب ڀيو پنهنجي بيان تي بيٺل هئي ۽ پاڻ سان ٿيل زيادتي واري وڊيو ان وقت جي جج کي پڻ ڏني هئي، ذريعن موجب تازو متاثر ناري زينب پڻ بيان تان ڦري وئي، جنهن بعد عدالت جوابدارن کي باعزت بري ڪرڻ جو فيصلو ٻڌايو