زندگي ۽ ‘ڦيرن’ جو فلسفو

0
381
زندگي ۽ ‘ڦيرن’ جو فلسفو

 آئون جڏهن ننڍو هوس ته بابا مون کي پاڻ سان گڏ ٺٽي جي ويجهو فقير جي ڳوٺ ۾ موجود بابا سريچند جي درٻار تي وٺي ويندو هو. اتي آئون بابا سان گڏ گرو گرنٿ صاحب جي چوڌاريءَ ڪجهه ڦيرا ڦرندو هوس. مون کي ان وقت سمجهه ۾ نه آيو هو ته هتي ڦيرا ڦرڻ جو مقصد ڇا آهي؟ شايد بابا کي به خبر نه هئي. جڏهن آئون جوان ٿيس ۽ منهنجي شادي ٿي ته ان ۾ ڪافي رسمون ڪيون ويون هيون پر انهن مان سڀ کان اهم رسم ڦيرن جي هئي. مون به پنهنجي ڪنوار سان هٿالو ٻڌي اگني جي چوگرد ڦيرا ڏنا.

                 ان وقت به مون کي ۽ نه وري منهنجي ونيءَ کي سمجهه ۾ آيو هو ته اسين اگني جي اڳيان ڦيرا ڇو ڦري رها آهيون! شاديءَ کان پوءِ منهنجي زال پنهنجي نرڙ تي تِلڪ لڳايو، جيڪو پڻ سرڪل جي شڪل ۾ هو. هُن کي اها خبر نه هئي ته تِلڪ ڇو لڳايو ويندو آهي. هُن لاءِ اها به هڪ رسم ئي هئي. هندو روايتن موجب، عورتون تِلڪ فقط شاديءَ کان پوءِ ئي لڳائينديون هيون، ڇو جو شاديءَ کان پوءِ عورت جو اهم ڪردار ماءُ ٿيڻ ۽ ڪائنات جي سرشتي کي هلائڻ آهي. جڏهن کان مون فلسفي کي پڙهڻ شروع ڪيو آهي ته اهي ريتون، رسمون ۽ رواج منهنجي ذهن ۾ نوان سوال اٿاري رهيا آهن. ڪافي فلسفين ڦيرن جي فلسفي تي لکيو آهي پر انهن ۾ جوزف ڪيمبل سڀ کان اهم آهي، جنهن جو هڪ قول مشهور آهي ته، “سائنس ۽ مذهب ۾ ڪو فرق نه آهي. فرق صرف اڄ جي سائنس ۽ هزارين سال پراڻن خيالن ۾آهي”. جڏهن مون پنهنجي روزمره جي رواجن، ريتن ۽ رسمن تي غور ڪرڻ شروع ڪيو ته مون کي اهي محض ڪي رسمون نه پر ان ۾ زندگي ۽ موت جو اهم راز پوشيده نظر آيو.

افلاطون جو خيال هو ته روح گول آهي. سنسڪرت ۾ گول دائري کي ‘مندلا’ چوندا آهن، جنهن جي معنيٰ ڪائنات آهي. چين ۾ به ان سان ملندڙ خيال آهي، جنهن موجب، جنت هڪ سرڪل آهي. ڪارل ينگ نفسيات جو وڏو ماهر آهي، هو فرائيڊ جو دوست هو پر بعد ۾ هن پنهنجي الڳ شناخت ٺاهي هئي. هن جو خيال هو ته ماڻهوءَ جي سڀ کان طاقتور ڌرمي نشاني دائرو آهي، جيڪو تمام گهڻو پراڻو آهي. دائري جو تجزيو ڪري اسان پاڻ کي سمجهي سگهون ٿا. اسان پنهنجي روزمره جي زندگيءَ کي ڏسون ته اسان هر لمحي ڦيري جي حقيقت سان ٽڪرايون ٿا. اها ٻي ڳالهه آهي ته اسان اڪثر ان کي نظر انداز ڪندا آهيون. سج هر روز سانجهيءَ ٽاڻي لهي ٿو ۽ پرڀات جو  اڀري ٿو. پونم جي رات مهيني ۾فقط هڪ ڀيرو ڦيرو کائي ورندي آهي. ڪَتيون پنهنجي مقرر ٽاڻي تي نڪرنديون آهن ۽ سَتين جي ياد تازه ڪري هليون وينديون آهن. گلن، ڦلن ۽ فصلن جون مندون آهن، جيڪي پنهنجي پنهنجي مقرر وقت تي ڦيرو کائي ورنديون آهن. وڻجارا پنهنجي پنهنجي وقت تي ويندا هئا ۽ واپس ايندا هئا. شاھ سائينءَ جو سُر سامونڊي ان ڦيري جي فلسفي کي سمجهائي ٿو. سوال اهو آهي ڦيري جو مقصد ڇا آهي؟

اسان شايد ئي ڪڏهن پاڻ کان سوال پڇيو هجي ته مرڻ کان پوءِ اسان پنهنجن پيارن کي قبر ۾ ڇو پوريندا آهيون؟ اها ڪافي پراڻي رسم آهي پر اها سڀ کان اهم پڻ آهي، جيڪا ڦيري جي فلسفي جو بنياد آهي. ٿوري دير لاءِ اکيون پوري قبر جي شڪل تي غور ڪريون ته اها ڪنهن سان مشابهت رکي ٿي؟ قديم ماڻهن جو خيال هو ته اسان جون ٻه  مائرون آهن، هڪ بائيولاجيڪل ماءُ ۽ ٻي ڌرتي ماءُ. اهي ٻئي تخليق جي سگهه رکن ٿيون. هڪ ماءُ اسان کي جنم ڏئي ٿي ته ٻي ماءُ اسان جي پرورش ڪري ٿي. هڪ ماءُ اسان کي ڄڻي ٿي ته ٻي ماءُ وري اسان کي وقت پوري ٿيڻ تي پنهنجي ٻانهن ۾ واپس وٺي ٿي. قبر ماءُ جي پيٽ جي الٽ شڪل آهي. قبر ۽ ماءُ جو پيٽ هڪ ٻئي جي آرسي آهن، جيڪي هڪ ڦيري کي پورو ڪن ٿيون. اهو ڦيرو ئي آهي، جو اسان کي سمجهائي ٿو ته اسين هن دنيا ۾مقرر وقت لاءِ آيا آهيون. جيئن گل موسم ۾ سڳند ڏيندا آهن ۽ پنهنجي وقت تي ڇڻي پوندا آهن، تيئن اسين به وقت اچڻ تي پنهنجو وارو وڄائي پنهنجي زندگيءَ جو ڦيرو مڪمل ڪنداسين.

ڦيري جو اڌ ارتقا آهي ۽ ٻيو اڌ وري زوال. جڏهن هڪ اڌ مٿي اڀري ٿو ته ٻيو اڌ وري هيٺ لڙي ٿو. انساني وجود جي موت کان سواءِ ڪا زندگي نه آهي. آئون ان خيال کي سمجهائڻ لاءِ ڪرڪيٽ جي راند جو مثال ڏيان ٿو. اسان پنهنجي پسند جي ٽيم جي وڪٽ ڪِرڻ تي افسوس ڪندا آهيون ۽ وري پنهنجي پسند جي ٽيم جي ڪنهن ڇڪي تي خوشي مان ٽپ آهيون. سوال اهو آهي ته جيڪڏهن توهان کي چيو وڃي ته اها راند تا قيامت هلندي ته پوءِ ڇا توهان اها راند ڏسڻ به پسند ڪندؤ؟ ان جو جواب ‘نه’ ۾ هوندو. اهو وقت ئي آهي، جيڪو شين ۾ ڪشش پيدا ڪري ٿو. اهو جرمن فلسفي هائيڊيگر جي فڪر جو بنياد آهي، جيڪو هن پنهنجي ڪتاب وجود ۽ وقت ۾ شاندار طريقي سان پيش ڪيو آهي.

فن ۽ ڦيري جو تعلق

فن ۽ ڦيري جو تعلق ڪافي گهرو آهي. پوري دنيا جي موسيقي ستن سُرن تي ٻڌل آهي، جيڪا ڪائنات ۽ رياضي جي بنيادن تي جڙيل آهي. اهي سُر جڏهن پنهنجي پنهنجي وقت تي واپس ڦرن ٿا ته اسان کي سڪون ڏين ٿا، ڇو جو سُرن جو تعلق ڪائنات ۾ موجود حرڪت سان آهي ۽ جڏهن اهي ٻئي هڪ ٿيندا آهن ته وجدان جي ڪيفيت جڙندي آهي. صوفي عنايت خان پنهنجي ڪتاب The Mysticism of Sound and Music ۾ لکي ٿو ته موسيقي ڪائنات جي شروعات ۽ انجام آهي. ترڪي جا صوفي سماع ۾ گول دائري ۾ گهمندا آهن ۽ خاص انداز ۾ ڦرندا آهن. جيئن ته اسان جي ڌرتي ۽ ٻيا ستارا به پنهنجي پنهنجي محور جي چوگرد گهمن ٿا، تيئن سماع ۾ صوفي ان قدرتي حرڪت کي ورجائي پاڻ کي ڪائنات ۾ ملائي وجدان ماڻي ٿو. رومي جو سماع حق جي نقطي کي عملي طرح سمجهائي ٿو، جنهن ۾ صوفي حق کي هر طرف پَسي ٿو. هو پٽ تي پير ڌري روحاني دنيا سان پاڻ کي جوڙي ٿو. جڏهن هُو پنهنجون ٻانهون ڦهلائي ٿو ته اها هُن جي خوشيءَ جو اشارو آهي ته هُن فنا جي منزل ماڻي آهي. اهو تصوف جو اهم موضوع آهي، جنهن تي ڪنهن ٻئي موقعي تي تفصيل سان ڳالهه ٻولهه ڪنداسين.