لاڙڪاڻو: سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جلسي کي خطاب ڪندي چيو ته شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي 69 سالگرهه ۽ کيس ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ گڏ ٿيا آهيون، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي شهادت بعد محترمه بينظير ڀٽو پنهنجي والد جي غريب عوام جي خدمت ۽ کين روزگار فراهم ڪرڻ واري مشن کي جاري رکيو ۽ غريب عوام کي هڪ اهڙو آواز ڏنو جيڪي پنهنجا حق وٺڻ، جمهوريت ۽ جمهوري عمل تي يقين رکي ٿي ۽ هن ملڪ جي بهتري جي لاءِ ڪم ڪري ٿي جيڪا شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي مشن آهي. هن چيو ته اڄوڪي جلسي ۾ هزارن جي تعداد ۾ عورتون ۽ ڀينرون ۽ ڀائر موجود آهن جن کي مبارڪ ٿو ڏيان.هن چيو ته شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي زندگي تي ڳالهائڻ لاءِ اسان جي سڄي رات گذري ويندي جنهن جي بهادري جا قصا مڪمل نه ڪري سگهنداسين. هن چيو ته اسان سڀني تي شهيدن جو قرض آهي اسان جي زندگي پوري ٿي وڃي اسان جي اولاد به هنن جو قرض نه لاهيندي تنهن ڪري تير جي نشان جو حق ادا ڪرڻو آهي.