ڪراچي(اسٽاف رپورٽر ) سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ حليم عادل شيخ سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس کي خط لکي زندگي خطري ۾ ھجڻ بابت آگاھي ڏئي ڇڏي، خط جي ڪاپي سنڌ ھاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس، سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر، آءِ جي سنڌ، چيف سيڪريٽري، گھرو وزارت جي سيڪريٽري سميت ٻين ادارن کي پڻ اماڻي وئي آھي، حليم عادل شيخ خط ۾ الزام ھنيو آھي ته کيس آصف زرداري، بلاول ڀٽو ۽ سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاھه مارائڻ چاھين ٿا، کيس مسلسل موتمار ڌمڪيون ملي رھيون آھن، اينٽي ڪرپشن ۽ پوليس ذريعي گرفتار ڪرائي  پوليس حراست ۾ مارائي ڪنھن حادثي جو رنگ ڏنو ويندو،  هن چيو ته سندس خلاف 20 کان مٿي دھشتگردي جا ڪوڙا ڪيس داخل ڪرايا ويا آھن خط ۾ ھن لکيو آھي ته سندس گھر وارن کي هراسان ڪرڻ لاءِ پوليس ڪيترائي ڀيرا گھر تي ڇاپا ھنيا ويا آھن، هن چيو ته کيس سيڪيورٽي ڏني وڃي.