حيدرآباد (بيورو رپورٽ) احتساب عدالت پ پ ايم پي اي ڄام خان شورو سميت 18 جوابدارن جي ڪيس جي ٻڌڻي وڪيلن جي احتجاج سبب 21 آگسٽ تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي، ڄام خان شورو، سندس ڀاءُ ڪاشف شورو، ڀائٽيو ڪرن خان شورو، اڳوڻو ايڊيشنل ڊائريڪٽر پلاننگ ايچ ڊي اي شاهد پرويز ميمڻ، اڳوڻو ڊسٽرڪٽ روينيو آفيسر سيد محمد ساجد حيدر، ڊپٽي ڊسٽرڪٽ آفيسر روينيو محمد بچل راهپوٽو، اڳوڻو ايس اي شاهنواز سومرو، اڳوڻو مختيارڪار اختر علي، علي ذوالفقار ۽ ٻيا پنهنجي وڪيلن معرفت عدالت ۾ پيش ٿيا، عدالت وڪيلن جي احتجاج سبب ڪيس نه هلايو ۽ شنوائي 21 آگسٽ تائين ملتوي ڪئي، وڪيل موجب گذريل ڏينهن احتساب عدالت ۾ پ پ ايم پي اي ڄام خان شورو خلاف داخل نيب ريفرنس ۾ گواهن جا بيان رڪارڊ ٿيڻا هئا پر ڪيس نه هلڻ سبب شاهديون رڪارڊ نه ٿي سگهيون، وڪيل موجب سمورا جوابدار عدالت ۾ پيش ٿيا هئا، واضح رهي ته جنوري 2021ع ۾ نيب پ پ ايم پي اي ڄام خان شورو، سندس ڀاءِ، ڀائٽئي ۽ روينيو جي اڳوڻن عملدارن سميت 18 ڄڻن خلاف 20 ايڪڙ سرڪاري زمين جا کاتا پنهنجي نالي ڪرائڻ جو ريفرنس داخل ڪيو هو. ريفرنس داخل ٿيڻ بعد پ پ ايم پي سميت ٻين جوابدارن ابتدائي طور گرفتاري کان اڳ واري عبوري ضمانت ڪرائي هئي. سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ ريفرنس ۾ نامزد پ پ ايم پي اي جي ڀاءُ، ڀائٽي سميت 17 جوابدارن جي پڪي ضمانت منظور ڪري ڇڏي آهي پر پ پ ايم پي اي ڄام خان شورو جي اڃا تائين ضمانت به پڪي نه ٿي سگهي آهي، سندس پڪي ضمانت لاءِ ڪيس سنڌ هاءِ ڪورٽ حيدرآباد بئنچ ۾ هلندڙ آهي.