اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پي ڊي ايم جو 2 ڏينهن  جو سربراهي اجلاس اڱاري ۽ اربع تي اسلام آباد ۾ طلب ڪيو ويو آهي، ذريعن موجب اجلاس ۾ پ پ، متحده ۽ عوامي نيشنل پارٽي به شريڪ ٿيندي، ذريعن موجب اجلاس ۾ ملڪي سياسي صورتحال جو جائزو وٺڻ بعد گڏيل فيصلا ڪيا ويندا، نواز شريف جي هدايت تي ناڻي وزير ۽ معاشي ٽيم به اجلاس ۾ شريڪ ٿيندي، ذريعن موجب نواز شريف جي هدايت تي حڪومت جي توانائي ٽيم به اجلاس ۾ شريڪ ٿيندي، نواز شريف گذريل اجلاس ۾ معاشي ۽ توانائي ٽيم تي مايوسي جو اظهار ڪيو هو، نواز شريف چيو هو ته معاشي ٽيم کي زميني حقيقتن کي سامهون رکي فيصلا ڪرڻ گهرجن، پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ اضافو لنڊن ميٽنگ جي واعدي جي خلاف ڪيو ويو هو.