ڪراچي( اسٽاف رپورٽر) ڪوھستان جي ڳوٺ خميسو ڏيٿو جي رھواسين زمين تي قبضي خلاف ڪالهه هتي پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪيو، ان موقعي تي خالد ڏيٿو،  زاھد برھماڻي ۽ ٻين چيو ته ڪوھستان جي زمين تي قبضا  ڪري مقامي ماڻهن کي تنگ ڪرڻ جو سلسلو جاري آھي، ڪجهه ڏينهن اڳ بااثر هٿياربندن ڳوٺ خميسو ڏيٿو تي چڙھائي ڪري مقامي ماڻهن جي زمين تي قبضي جي ڪوشش ڪئي،  جنهن جي ڳوٺاڻن مزاحمت ڪئي، گوليون لڳڻ ڪري 5 ڳوٺاڻا زخمي ٿي پيا، پوليس فائرنگ ڪندڙن تي ڪيس داخل ڪرڻ بدران  ڳوٺاڻن تي ڪيس داخل ڪيا ـ ھنن الزام ھنيو ته پ پ ايم پي اي ملڪ اسد سڪندر حملو ڪندڙن جي پٺڀرائي ڪري رهيو آهي، ھنن مطالبو ڪيو ته حملو ڪندڙن کي گرفتار ڪري  کين انصاف ۽ تحفظ فراھم ڪيو وڃي ـ