زمبابوي خلاف ٻِي ٽيسٽ: اوپنر عابد علي جي شاندار ڊبل سينچري

0
213

هراري (اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي مشهور بيٽسمين عابد علي زمبابوي خلاف ڊبل سينچري ٺاهي ورتي. اوپنر عابد علي 28 چوڪن جي مدد سان ڪيريئر جي پهرين ڊبل سينچري ٺاهي اعزاز ماڻيو. نعمان علي پنهنجي ڪيريئر ۾ ففٽي ٺاهي. پهرين ٽيسٽ ميچ ۾ پاڪستان زمبابوي کي اننگز ۽ رنز تان شڪست ڏني هئي، ٻي ٽيسٽ ۾ به پاڪستاني بيٽسمينن جي شاندار بيٽنگ سبب پاڪستاني جي ڪاميابي جا امڪان چٽا ٿي ويا. واضح رهي ته ڪورونا وائرس سبب زمبابوي ۾ موجود رانديگر ٺيڪ ٽريننگ به ڪري نه سگهيا هئا.