هراري: زمبابوي خلاف ٻئين ٽيسٽ جي پهرين ڏينهن پاڪستان پهرين اننگز ۾ راند جي پڄاڻي تي 4 وڪيٽن جي نقصان تي 268 رنسون ٺاهي ورتيون. پهرين ڏينهن جي راند جي خاص ڳالهه اوپنر عابد علي ۽ اظهر علي جون شاندار سينچريون هيون، اظهر علي 126 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو، جڏهن ته عابد علي 118 اسڪور سان ناٽ آئوٽ رهيو. ٻين آئوٽ ٿيندڙ رانديگرن ۾ عمران بٽ ۽ ڪپتان بابر اعظم، 2، 2 رنسون جڏهن ته فواد عالم 5 رنسون ڍاهي سگهيا. زمبابوي طرفان بليسنگ مزرباني شاندار بالنگ ڪندي 3 وڪيٽون حاصل ڪيون.