دبئي(اسپورٽس نيوز) انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل(آءِ سي سي) اينٽي ڪرپشن قانون جي ڀڃڪڙي تي زمبابوي جي اڳوڻي ڪپتان هيٿ اسٽريڪ تي 8 سالن جي پابندي لڳائي ڇڏي. هيلٿ اسٽريڪ تي ڪرپشن ۾ ملوث شخص سان بٽ ڪوائن ۾ رقم وصول ڪرڻ سميت آءِ سي سي جي اينٽي ڪرپشن قانون جي 5 شقن جي ڀڃڪڙي جو به الزام آهي. زمبابوي جي تاريخ جي عظيم ترين فاسٽ بالر سمجهيو ويندڙ اسٽريڪ 2017 ۽ 2018 ۾ کيڏيل ميچ جي ڪري لاڳيتو جاچ هيٺ رهيو ۽ اهي ميچز ان وقت کيڏيون ويون، جڏهن زمبابوي جي ڪوچنگ جا فرض نڀائي رهيو هو.