هراري(اسپورٽس نيوز) زمبابوي ٽي ٽوئنٽي سيريز جي ٽئين ۽ آخري ميچ ۾ بنگلاديش کي 10 رنز تان شڪست ڏئي سيريز 2-1 تان کٽي ورتي. زمبابوي ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ ڪندي مقرر 20 اوورن ۾ 8 وڪيٽن جي نقصان تي 156 رنز ٺاهيون. ريان برل 54 رنز ٺاهي نمايان رهيو. بنگلاديش طرفان مهدي حسن ۽ حسن محمد 2-2 وڪيٽون حاصل ڪيون. بنگلاديش جي ٽيم مقرر 20 اوورن ۾ 8 وڪيٽن جي نقصان تي 146 رنز ٺاهي سگهي. افيف حسين 39 ۽ محمودالله 27 رنز ٺاهي نمايان رهيا. زمبابوي طرفان وڪٽر نياطهڳ 3 ۽ براڊ ايونس 2 وڪيٽون ورتيون. ريال برل کي پليئر آف دي ميچ ۽ سڪندر رضا کي پليئر آف دي سيريز قرار ڏنو ويو.