لاهور (م ڊ) زمان پارڪ ٻاهران ٻئي ڏينهن به ميدانِ جنگ، چڪريون، پوليس ۽ رينجرز اهلڪارن سوڌو وڌيڪ 50 ڄڻا زخمي، هاءِ ڪورٽ عمران خان کي اڄ صبح 10 وڳي تائين گرفتاري کان روڪي ڇڏيو، توشا خانه ڪيس ۾ گرفتاري وارنٽ جاري ٿيڻ بعد اسلام آباد پوليس لاهور پوليس سان گڏ عمران خان جي گرفتاري لاءِ ڪالهه ٻئي ڏينهن به زمان پارڪ ٻاهران موجود رهي، جتي پي ٽي آءِ ڪارڪنن پاران سخت مزاحمت ڪئي وئي، ڪيترائي ڪلاڪ گذرڻ باوجود اسلام آباد پوليس زمان پارڪ مان عمران خان کي گرفتار نه ڪري سگهي، زمان پارڪ جي ٽن طرفن کان وڏي نفري بيهاري وئي، جنهن علائقي کي مڪمل گهيري هيٺ آڻي ڇڏيو، جڏهن ته قصور، گجرانوالا ۽ شيخوپوره مان پوليس نفري گهرائي وئي،  رينجرز به موجود رهي، پوليس عمران خان جي رهائشگاهه ويجهو پهتي ته گلگت بلتستان پوليس جا گن مين ۽ اهلڪار موجود هئا، جن پنجاب پوليس تي بندوقون تاڻي ورتيون، جنهن سبب پوليس اهلڪار پنهنجي جان بچائي اتان ڀڄي ويا، گلگت ۽ پنجاب پوليس جي آمهون سامهون ٿيڻ بعد رينجرز کي طلب ڪيو ويو. جڏهن ته پوليس ڪارڪنن کي ڇڙ وڇڙ ڪرڻ لاءِ شيلنگ ۽ واٽر ڪينن جو استعمال ڪيو، جڏهن ته پي ٽي آءِ ڪارڪنن پوليس ۽ رينجرز تي پٿراءُ ڪيو، جنهن پوليس ۽ رينجرز اهلڪار زخمي ٿي پيا، پي ٽي آءِ ڪارڪنن پاران پيٽرول بم اڇلايا ويا، زمان پارڪ ٻاهران هڪ ٽرانسفارمر ڌماڪي سان ڦاٽي پيو، ٽرانسفارمر مبينا طور پيٽرول بم اڇلائڻ سبب ڦاٽي پيو. مڇريل ڪارڪنن پوليس جي واٽر ڪينن کي ساڙي ڇڏيو، پوليس گاڏي کي به نقصان پهچايو، ٽريفڪ وارڊن جون موٽرسائيڪلون ساڙي ڇڏيون، ريسڪيو 1122 فائر ٽينڊر باهه وسائڻ پهتو ته ڪارڪنن ان کي به باهه ڏئي ڇڏي، ڪارڪنن مال روڊ تي ڀڃ ڊاهه ڪئي، فينسي لائيٽون ڀڃي ڇڏيون، پي ايس ايل لاءِ لڳايل سيڪيورٽي لائيٽون به ٽوڙي ڇڏيون، جهنگلا پٽي ڇڏيا، فُٽ پاٿ تي لڳايل ٽف ٽائليون ٽوڙي پوليس تي پٿراءُ ڪيو. پوليس به جوابي ڪارروائي ڪندي لٺبازي ڪئي ۽ پاڻي جا توپ هلايا ۽ ڪيترن ئي ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو، اسپتال ذريعن جو چوڻ آهي ته جهڙپن ۾  ڪُل 64 ڄڻا زخمي ٿيا، جن ۾ ڊي آءِ جي آپريشنز اسلام آباد شهزاد بخاري به شامل آهي. ذريعن موجب زخمين ۾ 54 پوليس اهلڪار ۽ 10 شهري شامل آهن، 51 پوليس اهلڪارن کي سروسز ۽ 3 کي ميو اسپتال نيو ويو، واضح رهي ته آپريشن جي پهرين ڏينهن تي ڊي آءِ جي اسلام آباد سميت 14 ڄڻا زخمي ٿيا هئا، ڪالهه وڌيڪ 50 ماڻهو زخمي ٿيڻ کانپوءِ زخمين جو انگ 64 ٿي ويو آهي.

لاهور (م ڊ) لاهور هاءِ ڪورٽ اڄ صبح 10 وڳي تائين عمران خان جي گرفتاري لاءِ زمان پارڪ ۾ پوليس آپريشن روڪڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. پوليس کي مال روڊ، ڪينال پل، ڌهرمپوره پل ۽ ٿڌي سڙڪ کان 500 ميٽر پري رهڻ جي هدايت ڪئي آهي، هاءِ ڪورٽ ۾ زمان پارڪ ۾ پوليس آپريشن روڪڻ لاءِ فواد چوڌري جي درخواست تي ٻڌڻي ٿي، ايڊووڪيٽ جنرل پنجاب شان گل عدالت ۾ پيش ٿيو. ٻڌڻي دوران شاهه محمود قريشي چيو ته جيڪڏهن گرفتاريون بند ڪيون وڃن ته سڀ ٺيڪ ٿي ويندو، جنهن تي جسٽس طارق سليم شيخ چيو ته هو گرفتاريون نه ٿا روڪي سگهن،عمران خان جي وڪيل چيو ته عمران خان جو دفاع نه پيو ڪيان پر جيڪو زمان پارڪ ٻاهران ٿي رهيو آهي، اهو بنيادي حقن جي ڀڃڪڙي آهي، جنگي زون بڻجي چڪو آهي. ايڊووڪيٽ جنرل چيو ته عمران خان جو معاملو اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ ٻڌڻي هيٺ آهي، اها درخواست لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ ٻڌڻي جوڳي ناهي. جسٽس طارق سليم شيخ چيو ته جيڪو به اسلام آباد پوليس طرفان آپريشن ليڊ ڪري رهيو آهي، ان کي گهرائي ٿا وٺون، اهو معاملو ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان ٺيڪ به ته ڪرڻو آهي، جيڪڏهن اسلام آباد پوليس جا آفيسر پيش نه ٿيا ته انهن جا وارنٽ جاري ڪنداسين. وفاقي حڪومت جي وڪيل چيو ته اسلام آباد پوليس لاهور هاءِ ڪورٽ جي اختيارن جي دائري ۾ نٿي اچي. عدالت چيف سيڪريٽري پنجاب، آءِ جي پنجاب ۽ اسلام آباد پوليس طرفان آپريشن جي سربراهي ڪندڙ آفيسر ڊي آءِ جي آپريشنز اسلام آباد شهزاد بخاري کي فوري طور پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو. وقفي کانپوءِ آءِ جي پنجاب عدالت ۾ پيش ٿيو ۽ عدالت کي ٻڌايو ته پيٽرول بمن سان اسانجون گاڏيون ساڙيون ويون، پي ايس ايل جي سيڪيورٽي کي ڏسڻ ضروري هو، رينجرز جي گاڏين تي به پيٽرول ڪيرايو ويو، صبح جي صورتحال اها آهي، سڄي گرين بيلٽ کي خراب ڪيو ويو، سرڪاري شيون برباد ڪري ڇڏيون اٿن، عدالت وارنٽ ختم ڪري ڇڏي ها ته اسان واپس اچي وڃون ها، جن مسئلو ڪيو آهي، انهن کي پڪڙڻو آهي، اسان وٽ وڊيوز موجود آهن، اسان سان زيادتي ٿي آهي، جنهن تي جسٽس طارق سليم شيخ آءِ جي کان پڇيو ته جيڪڏهن اسان اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي فيصلي تائين آپريشن روڪي ڇڏيون ته ڪو اعتراض آهي؟ ڇاڪاڻ اسلام آباد ۾ به درخواست آهي، جنهن تي آءِ جي چيو اسان عدالت جي هر حڪم تي عمل جا پابند آهيون پر سر اسان کي ماڻهو گرفتار ڪرڻا آهن، جن ملڪيتن کي نقصان پهچايو آهي، جسٽس طارق سليم چيو ته مونکي شهر ۾ امن گهرجي، اوهان هاڻ پنهنجو آپريشن روڪيو، شهر ۾ پي ايس ايل به ٿي رهيو آهي، جنهن بعد عدالت اڄ صبح 10 وڳي تائين آپريشن روڪڻ جو حڪم ڏيندي پوليس کي مال ڪينال پل، ڌهرمپوره پل ۽ ٿڌي سڙڪ تي 500 ڪلو ميٽر پوئتي رهڻ جي اجازت ڏني آهي. عدالت عبوري تحريري حڪم نامي ۾ چيو آهي ته عدالت جي علم ۾ آندو ويو آهي ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ فيصلو محفوظ ڪيو آهي، ان معاملي کي ڏسندي آءِ جي کي فوري آپريشن روڪڻ جي هدايت ڪئي آهي، لکت واري حڪم نامي ۾ چيو ويو ته آءِ جي پنجاب پوليس کي فوري طور زمان پارڪ کان واپس گهرائي، پوليس کي مال روڊ تي نهر واري پل، ڌهرم پوره پل ۽ ٿڌي سڙڪ تي مقرر ڪيو وڃي، زمان پارڪ آپريشن بابت درخواست تي ٻڌڻي اڄ صبح 10 وڳي ٿيندي.