اسلام آباد (بيورو رپورٽ) گلگت بلتستان پوليس جي انسپيڪٽر جنرل محمد سعيد کي عهدي تان هٽايو ويو. اسٽيبلشمينٽ ڊويزن طرفان آءِ جي گلگت بلتستان کي هٽائڻ جو باقاعدي طور نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آهي. آءِ جي گلگت بلتستان محمد سعيد کي اسٽيبلشمينٽ ڊويزن رپورٽ ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي، ڪي پي مان 20هين گريڊ جي علي خٽڪ کي آءِ جي گلگت بلتستان مقرر ڪيو ويو آهي. ذريعن موجب زمان پارڪ ٻاهران گلگت پوليس جا اهلڪار واپس نه گهرائڻ تي محمد سعيد کي آءِ جي جي عهدي تان هٽايو ويو، جڏهن ته نئين آءِ جي علي خٽڪ کي اهلڪار زمان پارڪ کان واپس گهرائڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.