لاهور (م ڊ) زمان پارڪ امڪاني آپريشن خلاف بشريٰ بي بي درخواست ڏنڊ هڻي خارج ڪئي وئي آهي. ان ڏس ۾ لاهور هاءِ ڪورٽ عمران خان جي گهرواري بشريٰ بي بي جي زمان پارڪ ۾ عيد جي موڪلن دوران امڪاني آپريشن روڪڻ لاءِ درخواست هڪ لک رپيا ڏنڊ سان ڏ خارج ڪري ڇڏي. بشريٰ بي بي طرفان داخل درخواست ۾ گهرو وزارت، آءِ جي پنجاب ۽ ايف آءِ اي کي ڌر بڻايو ويو هو. درخواست ۾ بشريٰ بي بي موقف اختيار ڪيو ته اطلاع آهن عيد جي موڪلن ۾ زمان پارڪ ۾ آپريشن ٿيندو، اڳ ئي عمران خان جي غير موجودگي ۾ پوليس گهر تي حملو ڪيو، پوليس کي آپريشن روڪڻ جو حڪم ڏنو وڃي. لاهور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس طارق سليم شيخ درخواست تي ٻڌڻي ڪئي، بشريٰ بي بي وڪيل اظهر صديق چيو ته آپريشن جا تصديقي اطلاع آهن. جسٽس طارق سليم شيخ چيو خدشن جي بنياد تي ڇا ٿو ٿي سگهي، عمران خان واري ڪيس ۾ لارجر بئنچ ٻڌڻي ڪري رهي آهي، توهان کي هيءَ درخواست ڏيڻ ئي نه گهرجي ها، هڪ حڪم 5 رڪني بئنچ ڏنو هو ته پوءِ هيءَ درخواست داخل ڇو ڪئي وئي؟ عدالت چيو ڇو نه درخواست ڏنڊ سان گڏ خارج ڪري ڇڏيون، هاڻ ان تي دليل ڏيو ڇو نه ڏنڊ هڻون، وڪيل چيو مان درخواست واپس ٿو وٺان. عدالت درخواست خارج ڪندي وڪيل اظهر صديق تي هڪ لک رپيا ڏنڊ لاڳو ڪري ڇڏيو.