لاهور(شوبز نيوز) عالمي شهرت يافتا اداڪارا ماهرا خان زمان پارڪ ۾ ٿيندڙ آپريشن بابت پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جي ٽوئٽ تي ردعمل ڏنو آهي. گذريل ڏينهن عمران خان پنهنجي رهائشگاهه ٻاهران منظر ٽوئٽر اڪائونٽ تي شيئر ڪيا جنهن تي سوشل ميڊيا واهپيدارن سميت ماهرا خان به تبصرو ڪيو. عمران خان طرفان وڊيو پوسٽ ڪرڻ جي ڪجهه دير کانپوءِ ماهران خان ان وڊيو کي شيئر ڪيو ۽ ان صورتحال کي غير واجب قرار ڏيندي لکيو ته مان هر شخص جي حفاظت ۽ عقل کان ڪم وٺڻ لاءِ دعاگو آهيان. ان کانسواءِ به ڪيترن ئي اداڪارن عمران خان جي حق ۾ سوشل ميڊيا تي پوسٽون شيئر ڪيون. اداڪارا مايا علي عمران خان جي حمايت جو اعلان ڪيو ۽ گڏوگڏ ئي هن جي حفاظت لاءِ دعا ڪئي. يوٽيوبر شاهه وير جعفري ٽوئٽر تي جاري بيان ۾ لکيو ته مونکي لڳي ٿو ته خان کي پنهنجي باري ۾ وڌيڪ سوچڻ جي ضرورت آهي، اهو هڪ حقيقي اڳواڻ ۽ فائٽر آهي.