ترڪيه(انٽرسٽنگ نيوز) ترڪيه ۾ خوفناڪ زلزلي کي 23 ڏينهن گذرڻ کانپوءِ مٽيءَ جي ڍير هيٺان دٻيل هڪ ڪتي کي معجزاتي طور تي زنده ڪڍيو ويو. واضح رهي ته 6 فيبروري تي ترڪيه ۽ شام ۾ ايندي 7.8 جي شدت جي زلزلي ۾ 50 هزار کان وڌيڪ ماڻهن جانيون وڃايون ۽ لکين ماڻهو زخمي ۽ ٻيا بي گهر ٿي ويا. زلزلي جي نتيجي ۾ڪيتريون ئي عمارتون تباهه ٿيون جڏهن ته ريسڪيو اختيارين طرفان مٽيءَ جي ڍير کي هٽائڻ جو ڪم اڃا به جاري آهي. رپورٽن موجب ترڪيه ۾ تباهي مچائيندي زلزلي جي 23  ڏينهن کانپوءِ هڪ ڪتي کي مٽيءَ جي ڍير هيٺان ڪڍيو ويو آهي. ريسڪيو اختيارين جو چوڻ آهي ته کائڻ، پاڻي ۽ سيويج جي روشني کانسواءِ زنده رهندڙ ڪتي کي اڱاري تي صبح 2 وڳي ڊگهي ريسڪيو آپريشن کانپوءِ مٽيءَ جي ڍير هيٺان زنده ڪڍي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.