زلزلا، افواهه ۽ سازشي نظريا

0
109
زلزلا، افواهه ۽ سازشي نظريا

 ترڪي ۽ شام ۾ آيل زلزلن سوشل ميڊيا نيٽ ورڪس تي زلزلي جي سببن جي باري ۾ ڪيترن ئي بحثن ۽ تبصرن کي جنم ڏنو آهي. سائنسي مطالعن ۾ ان قسم جي افواهن ۽ سازشي نظرين کي مسترد ڪيو ويو آهي. تازو ئي ترڪي ۽ شام ۾، مختلف خبرون، افواهه ۽ تبصرا هر هنڌ ۽ هر جاءِ تي پکڙيل آهن ۽ خاص طور تي سوشل ميڊيا نيٽ ورڪس تي ڪيترن ئي صارفين جي وچ ۾ بحث ۽ تڪرار جو موضوع بڻجي ويا آهن.

                 هر زلزلي کانپوءِ افواهن جا هوڪرا مچڻ ڪا نئين ڳالهه ناهي. هميشه اهڙا افواهھ پيا هلندا رهيا آهن ته زلزلو ڪنهن ڳجهي زير زمين ايٽمي تجربي جي نتيجي ۾ آيو هو، يا ته زلزلي کان اڳ آسمان ۾ پراسرار قسم جون ڪي روشنيون ڏٺيون ويون هيون، يا اهو سڄو معاملو بنيادي طور تي “هارپ” نالي هڪ تباهي ڪندڙ خفيه هٿيار جي تجربي جو نتيجو هو.

                 ان قسم جا افواھ ۽ اطلاع ان کان اڳ پاڪستان سميت دنيا جي مختلف علائقن ۾ آيل زلزلن جي باري ۾ گردش ۾ رهندا آيا آهن. بهرحال، هن ڀيري، هڪ ڊچ محقق، فرينڪ هوگربٽس جيڪو شمسي نظام جي آسماني جسمن ۽ زلزلن جي جاميٽري جغرافيائي جي وچ ۾ لاڳاپن جو مطالعو ڪري ٿو، جي سوچڻ واري ٽوئيٽ، ڪيترن ئي ماڻھن ۽ ماهرن کي پريشان ڪيو ۽ زلزلن جي اڳڪٿي يا ان جي باري ۾ بي خبري بابت هڪ ڊگهي بحث کي جنم ڏنو ۽ ۽ ان بحث کي زور وٺرايو.

ترڪي ۽ شام ۾ خوفناڪ زلزلي کان صرف 3 ڏينهن اڳ، 3 فيبروري تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾، فرينڪ هوگربٽس لکيو هو ته، “جلدي يا دير سان، هن علائقي (ڏکڻ-وچ ترڪي، اردن، شام، لبنان) ۾ اٽڪل 7.5 شدت جو زلزلو ايندو.” يقينن، هوگربٽس جي اها دعويٰ ته شمسي نظام ۾ هڪ خاص جاميٽري صورتحال ڌرتيءَ تي وڏا زلزلا آڻي سگهي ٿي،

 سائنسدان برادريءَ ۾ مقبول نه آهي، ۽ اڪثر ارضياتدان (جيالاجسٽ) اڳڪٿين جي اهڙي ڪنهن به طريقي کي زلزلن جي سلسلي ۾ صحيح نٿا قرار ڏين.

ارضيات دانن يا زمين معاملن جي ماهرن جو چوڻ آهي ته، فالٽ لائينن جي نقشي مطابق، بنيادي طور تي اها اڳڪٿي ڪرڻ ته ممڪن آهي ته زلزلو ڪٿي ايندو، پر اهڙي اڳڪٿي ڪرڻ تي اهو ڪهڙي جاءِ تي ڪڏهن ۽ ڪيتري شدت وارو هوندو، في الحال موجوده وسيلن  جي ذريعي ناممڪن سمجھيو ويندو آهي. هن سلسلي ۾ راجر مائوسن نالي هڪ ماهر ارضيات آمريڪي رسالي نيوزويڪ ۾ پنهنجي انٽرويو ۾ اشارو ڪيو آهي ته، “جلد يا دير سان” واري اڳڪٿي ۾ جيتوڻيڪ ڪنهن مقرر ۽ يقيني وقت جو ذڪر نه  هو، تڏهن به اتي اها ڳالهه اهم آهي ته ان اڳڪٿي ۾زلزلي جي مقام ۽ شدت جو ذڪر بهرحال صحيح طور ئي ڪيو آهي.“

جيتوڻيڪ سائنسدان فرينڪ هوگربٽس جي دعويٰ جو اصل بنياد، يعني ڪشش ثقل وارين قوتن جو اثر ۽ ڌرتيءَ تي زلزلن تي نظام شمسي جي سيارن جي جاميٽري پوزيشن کي بنيادي طور تي ناممڪن نه ٿا سمجهن، پر اهي اشارو ڪن ٿا ته اهي اثر تمام ننڍا آهن. ۽ اهي اهڙا به نه آهن جو زلزلي جو سبب بڻجن. تڏهن به ڪن ماهرن جو خيال آهي ته دنيا ۾ روزاني درجنين زلزلا اچن ٿا ۽ ڪو به ماڻھو ان جي باري ۾ ڪيتريون ئي ساريون اڳڪٿيون ڪري ڇڏي ۽ انهن مان ڪا نه ڪا درست به ثابت ٿي وڃي.

آمريڪا جي ڪولمبيا يونيورسٽي ۾ سيسمولاجي جي پروفيسر وون ينگ ڪم انهن سيارن جي هندسي پوزيشن جي اثرن جي امڪان کي قبول ڪيو آهي پر ان جي باوجود هن جو خيال آهي ته ان قسم جي اثر کي ثابت ڪرڻ مشڪل آهي. برطانيا ۾ ماهر ارضيات ڊيوڊ روٿري جو به خيال آهي ته ٻين سيارن ۽ زمين جي وچ ۾ ڪشش ثقل واريون قوتون تمام ڪمزور ۽ گھٽ آهن پر چنڊ ۽ زمين جي وچ ۾ ڪشش ثقل زلزلن جي حوالي سان هڪ حتمي عنصر ٿي سگھي ٿو،

 ۽ زلزلي جو سبب  به بڻجي سگھي ٿو ۽ اها صورتحال نازڪ حد تائين پهچي وئي آهي پوءِ ڪو ان کي پسند ڪري يا نه ڪري!

جيتوڻيڪ سائنس هن وقت تائين گھڻي ترقي ڪري ورتي آهي پر زلزلن جي سلسلي ۾ اڃا به اڳڪٿي ڪرڻ جي صلاحيت اڃا به ان ۾ نه آهي. تڏهن به اها ستم ظريفي آهي ته ماڻھو آزاديءَ سان افواھ به پکيڙي رهيا آهن ۽ خوف ۽ خدشا به ڦهلائي رهيا آهن.