ٽنڊوڄام( ن پ ا) زرعي يونيورسٽي جي آفيسرن ۽ استادن پاران جوڙيل يونائيٽڊ ايڪشن ڪميٽي جو مسئلن جي حل لاءِآئي ٽي سينٽر آڏو احتجاجي جاري رهيو. زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام جي آفيسرن ۽ استادن پاران جوڙيل يونائيٽڊ ايڪشن ڪميٽي جو پروموشن نه ملڻ، نئين پگهار نه ملڻ، فوتي ۽ ريٽائرڊ استادن ۽ آفيسرن کي رهتون ادا نه ڪرڻ سميت ٻين مسئلن خلاف ظهور سومرو، رياست ڪٻر، قادر چانڊيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي سينٽر آڏو علامتي بک هڙتال جاري رهي. ان موقعي تي اڳواڻن جو چوڻ هو ته حڪومت پاران وڌايل پگھار جاري نه ٿي سگھي آھي، ڪيترائي استاد ۽ آفيسر رٽائر ٿي چڪا آھن پر انھن کي سندن گريجوئٽي ۽ ٻيون رھتون ادا نه پيون ڪيون وڃن ۽ ٻيا مسئلا حل نه پيا ڪيا وڃن. هنن گهر ڪئي ته فوري خسارو ختم ڪري استادن ۽ آفيسرن جا مسئلا حل ڪيا وڃن.