ٽنڊو ڄام ( رپورٽ مبين مگسي) سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊو ڄام جي استادن جي تنظيم سائوٽا جون چونڊون سڀاڻي ٿينديون. استادن جا ٽي گروپ ميدان ۾ لٿل آهن، جن ۾ پروگريسو استاد پينل جي صدارت لاءِ پهرين عورت استاد شبانه سرتاج تنيو اميدوار آهي، نائب صدارت لاءِ به تنوير فاطمه مياڻو، سيڪريٽري لاءِ فرمان چانڊيو اميدوار آهي. قادري گروپ ۾ صدارت لاءِ ڊاڪٽر فهد نظير کوسو، سيڪريٽري لاءِ ڊاڪٽر خالد حسين ٽالپر، نائب صدر لا ڊاڪٽر جاويد گاڏهي اميدوار آهي، ٽئين گروپ استاد دوست پينل ۾ صدارت لاءِ امجد حسين ميراڻي، سيڪريٽري لاءِ ڊاڪٽر شاہ نواز مري، نائب صدارت لاءِ مير سجاد حسين ٽالپر اميدوارن ۾ شامل آهن، ذريعن موجب گذريل باڊي ۾ ڪامياب ٿيندڙ قادري پينل ۾ ڪامياب ٿيل صدر ۽ سيڪريٽري استادن جا ڪم نه ڪرڻ تي ميدان ڇڏي ويا آهن چيو پيو وڃي ته گذريل باڊي ۾ ڪامياب ٿيندڙ قادري پينل استادن لاءِ ڪم نه ڪري سگهيو هو. هوڏانهن پروگريسو پينل جي سيڪريٽري ڊاڪٽر فرمان چانڊيو چيو ته زرعي يونيورسٽي ۾ پھريون ڀيرو عورت استاد کي صدرات لا اميدوار بڻايو ويو آهي، اڳ ۾ عورت استادن کي نمائندگي نه ملندي هئي، استاد دوست پينل جي سيڪريٽري ڊاڪٽر شاھ نواز مري چيو ته  استاد دوست پينل ماضي ۾ به ڪامياب ٿي استادن جا اڪثريت سان ڪم ڪيان آهن، هن ڀيري به ڪامياب ٿي استادن جا ڪم ڪبا.