اسلام آباد: ناڻي وزارت جي جاري ڪيل رپورٽ موجب گذريل مالي سال جي جولاءِ کان نومبر تائين زرعي شعبي کي 488 ارب رپين جا قرض مليا هئا، هلندڙ مالي سال دوران زرعي شعبي کي قرضن جي فراهمي ۾ 35.9 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي ۽ زرعي شعبي کي هلندڙ مالي سال جي جولاءِ کان نومبر تائين 663 ارب رپين جا قرض مليا آهن، گذريل مالي سال دوران نجي شعبي کي 454 ارب رپين جا قرض مليا هئا، هلندڙ مالي سال دوران رڳو 90 ارب رپين جا قرض مليا آهن، ائين نجي شعبي کي قرضن جي فراهمي ۾ گذريل مالي سال جي ڀيٽ ۾ 80.2 سيڪڙو قرض گهٽ مليا آهن.