ٽنڊو ڄام ( رپورٽ: مبين مگسي ) سنڌ زرعي تحقيقي اداري مان پراسرار طريقي سان ساڍا ٽي سو مڻ ساريون، يوريا ۽ ڊي اي پي ڀاڻ چوري ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو آهي.مليل ڄاڻ موجب سنڌ زرعي تحقيقي اداري مان ڏينهن ڏٺي جو نامعلوم ماڻهو سارين جو ٻج ۽ ڀاڻ کڻي آساني سان نڪري ويا،ڪڻڪن واري شعبي جو آفيسر روشن جوڻيجو ٻج وڪرو ڪرڻ لاءِ آبادگار کي وٺي گدام تي آيو ته ٻج غائب هو.،رابطي ڪرڻ تي لاڳاپيل آفيسر روشن جوڻيجو چوري ٿيڻ جي تصديق ڪندي وڌيڪ تفصيل فون تي ڏيڻ کان انڪار ڪيو ،هن چيو ته روبرو اچي ملو ،ڊي جي زرعي تحقيقي اداري نور محمد بلوچ موقف ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيوهن چيو آئون واندو ناهيان نه وري چوري جي مون کي خبر آهيذريعن موجب ڪجهه وقت اڳ به 450 کان وڌيڪ ڪڻڪ جون ٻوريون به چوري ٿي ويون هيون، ڄاڻايل گدام مان چوري ٿيڻ معمول بڻيل آهي.