اسلام آباد: بجيٽ ۾ زرعي اوزارن تان ٽيڪس ختم ڪرڻ جو اعلان ڪندي هارين لاءِ پيڪيج سوڌو زرعي قرض جي حد وڌائي وئي آهي ۽ 50 هزار ٽيوب ويلر شمسي توانائي تي منتقل ڪيا ويندا. ناڻي وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته زرعي شعبي ۾ ٻوڏ تباهي آندي، ڏکيائين جي خاتمي لاءِ 2هزار ارب کان وڌيڪ جو ڪسان پيڪيج ڏنو نئين بجيٽ ۾ به رعايتون برقرار رکيون وينديون، هن چيو ته زرعي قرضن جي حد ۾ هلندڙ مالي سال ۾ 1800 ارب کان وڌائي 2250 ارب ڪيو ويو آهي، 50 هزار زرعي ٽيوب ويلن کي شمسي توانائي تي منتقل ڪرڻ لاءِ 30 ارب مختص ڪيا ويا آهن، معياري ٻج جي فراهمي لاءِ درآمد تي سمورا ٽيڪس ۽ ڊيوٽي ختم ڪئي پئي وڃي، چڪين جي درآمد تي ڪسٽم ڊيوٽي ختم ڪئي پئي وڃي، ڪمبائن هارويسٽر جي استعمال کي هٿي ڏيڻ لاءِ ان تي سموري ڊيوٽي ۽ ٽيڪس ڇوٽ ڏني وئي آهي، ناڻي وزير بجيٽ تقرير ۾ چيو ته چانورن جي پيداوار وڌائڻ لاءِ رائيس پلانٽرز، سيڊرز، ڊرائرز کي به ڊيوٽي ۽ ٽيڪسن کان ڇوٽ جي تجويز آهي، ايگرو انڊسٽري کي قرض جي فراهمي لاءِ 5 ارب رپيا مختص ڪيا ويا آهن، ٻهراڙين ۾ لڳائي ويندڙ ايگرو بيسڊ انڊسٽريل يونٽس جن جي ساليانو ٽرن اوور 80 ڪروڙ هوندي انهن کي سمورن ٽيڪس جي 5 سالن تائين ڇوٽ هوندي.