اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اڳوڻي صدر آصف زرداري  جي بلوچستان عوامي پارٽي جي قومي اسيمبلي ۾ پارلياماني ليڊر خالد مگسي سان ملاقات ٿي، جنهن دوران بلوچستان جي موجوده صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، اڳوڻي صدر آصف زرداري چيو ته بلوچستان جي حق لاءِ پهريان به عملي قدم کنيا ۽ ايندڙ وقت ۾ به انهن کي جاري رکيو ويندو، جلد بلوچستان جو دورو ڪندس، ملاقات ۾ سينيٽ ۽ بلوچستان اسيمبلي جي حوالي سان به ٻنهي اڳواڻن وچ ۾ ڳالهه ٻولهه ٿي، ايندڙ وقت ۾ به تمام قومي ۽ صوبائي سياسي مامرن تي فيصلا مشاورت ڪرڻ تي ٻنهي اڳواڻن ۾ اتفاق به ٿيو.