لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي شهر جي نور ڪالوني واسي معذور پيرسن معصوم ٻارڙن سان گڏجي 25 ڏينهن اڳ پلاٽ جي معاملي تان قتل ٿي ويل گهر واري جي قتل ڪيس ۾ ملوث جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي پيرسن معذور ڌنگاڻو عمراڻي پنهنجي نوجوان پٽن خان محمد، عبدالرزاق، معصوم ڌيءَ عائشه ۽ ڀاڻيجي محبت علي عمراڻي سان گڏجي دانهيو ته برسات ۾ ڊهي پٽ پيل گهر جو پلاٽ ڳوٺ جو بااثر گهرندو رهيو جنهن کي انڪار ڪيو ان معاملي تان هو اسان مٿان ڏمرجي موتمار ڌمڪيون ڏيندو هو جڏهن ته گذريل 29 اپريل تي صبح جي وقت بااثر پنهنجي ساٿين سان گڏجي اسان جي گهر ۾ زبردستي گهڙي گوليون هلائي منهنجي گهر واري هزار خاتون کي قتل ڪري فرار ٿي ويا. هن وس وارن کان جوابدارن جي گرفتاريءَ جو مطالبو ڪيو.